سجاول: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي طرفان سجاول ۾ شٽر بند هڙتال

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي طرفان سموري سنڌ اندر ڏنل شٽر بند هڙتال واري سڏ تي سجاول  شهر ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي ، صبح سان ئي شهر جو سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا،   ايس ٽي پي جي ڪارڪنن،ممتاز لغاري،عارف ابرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ ٻيٽن تي وفاقي جي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪندي شهر جي مک رستن جو گشت ڪيو،ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪارڪنن چيو ته وفاق سائين سنڌ جا وسيلا  لٽيندو ۽ ڦريندو رهيو آهي، هاڻي وري پنجاب وري وفاق جي نالي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر جيسيتائين سنڌ جو هڪ به فرد زنده هوندو تيسيتائين سنڌ جا ٻيٽ ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏبا، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ جي ٻيٽن جي وڪري جي سازش ختم ڪري سنڌي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.  نه ته ٻئي صورت ۾ هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

Read Previous

ايپل نوان فون لانچ ڪري ڇڏيا، آءِ فون ٻارنهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

Read Next

پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي طرفان ٻئي ڏينھن تي اسپتال جي اوپي ڊي جي باءڪاٽ ڪري اسپتال باھران احتجاجي ڪيمپ قائم مريض سخت پريشان

Most Popular