سجاول( ڊر ) پ پ يوٿ ونگ پاران 18 آڪٽوبر تي ڪارسازسانحي ۾ شهيدٿيل ڪارڪنن جي ياد ۾ رٿيل جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ پ پ تعلقي آفيس سجاول تي پ پ پ يونگ ونگ تعلقي جي صدر نادر مگسي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ 18 آڪٽومبر واري جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان سان گڏوگڏ پ پ يوٿ ونگ تعلقه سجاول پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاھرو ڪندي ـ اجلاس ۾ پ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري عارف ابڙو .انفارميش سيڪٽري منور لغاري .۽ ٻين ورڪرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيوويو ته 18 آڪٽوبرجي ڪراڇي واري جلسي ۾ تعلقي سجاول مان هزارين ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بنايوويندو.