سکر ۾ سماجي تنظيم آء آر ايس پي صاف سٿري سنڌ پروگرام تحت هٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو

سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ سماجي تنظيم آء آر ايس پي صاف سٿري سنڌ  پروگرام تحت هٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو. لوڪس پارڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. هٿن ڌوئڻ جي عالمي ڏينهن تي سماجي تنظيم آء آر ايس پي ليوڪس پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي. ريلي  ۾ ڳالهائيندي آء آر ايس پي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر فرخنده جبين شيخ چيو ته دنيا ۾ هر سال 15 آڪٽوبر کي هٿن ڌوئڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد پنهنجي معاشري کي صاف سٿرو  رکڻ آھي.  حاجت کان پوءِ، ماني کائڻ کان پهرين ۽ ماءُ جي ٻار کي کير پيارڻ کان پهرين هٿ صابڻ سان ڌوئڻ ضروري آھن ته جيئن صحت مند معاشرو ٺھي سگهي. ريلي ۾ سماجي ڀلائي کاتي جي ڊائريڪٽر سيد نصير حسين شاهه، هيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم جي آپا زبيده گهانگهرو، وڪيل حميره منگي. عبدالوحید مهر ،فرزانه ميراڻي ۽ اين جي اوز جي اڳواڻن ۽ شهرين  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

سکر: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران ٻئي مرحلي واري اعلانيل مطالبن جي مڃتا لاء ريلي

Read Next

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي

Most Popular