قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، جساف اڳواڻ حنان عباسي، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن ۽ سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي رھي آھي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھايو وڃي ۽ اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان جو جائز مطالبا تسليم ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

سکر ۾ سماجي تنظيم آء آر ايس پي صاف سٿري سنڌ پروگرام تحت هٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو

Read Next

سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اعلانيل شٽربند هڙتال

Most Popular