رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ٻئين ڏينهن به جاري

راڻيپور (رپورٽر ) رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ٻئين ڏينهن به جاري رکي صرف ايمرجنسي جي مريضن کي فسٽ ايڊ ڏني پئي وڃي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل ڊاڪٽر محسن مڱريو ڊاڪٽر رابيل سوڍڙو, ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ ,ڊاڪٽر شڪيلا ڀيلار ڊاڪٽر علي حسن وساڻ,  غلام اصغر ملاح, دين محمد پتافي انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته   ملڪ جي باقي ٽنھي صوبن ۾ هيلٿ رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي صرف سنڌ کي الائونس کان محروم رکيو پيو وڃي سنڌ ۾ ڪرونا جون ٽيسٽون ٿي رھيون آھن ۔مريض به ظاھر ٿي رھيا آھن پوء به کين هيلٿ رسڪ الائونس نه پيو ڏنو وڃي۔ ھنن چتاء ڏيندي چيوته کين هيلٿ رسڪ الائونس نه ڏنو ويو ته پوء دمادم مست قلندر ٿيندو ۽ اھي ۔اھي پوء اسلام آباد وڃي ڌرڻو ھڻندا۔ ۽مطالبن جي مڃتا تائين نه اٿندا۔

Read Previous

سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اعلانيل شٽربند هڙتال

Read Next

نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ ناريءَ روهڙي واسي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو

Most Popular