سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اعلانيل شٽربند هڙتال

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اعلانيل شٽربند هڙتال جي سلسلي ۾ نوابشاهه شهر جا مک ڪاروباري مرڪز گول چڪرو ڪپڙا مارڪيٽ لياقت مارڪيٽ موبائل مارڪيٽ پوليس لائين مارڪيٽ سانگھڙ روڊ سڪرنڊ روڊ سميت شهر جا سڀئي پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنون وغيره بند رهيا جنهن جي ڪري روڊن رستن تان ٽريفڪ پڻ غائب رهي جڏھن ته رينجرز پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي آفيس تي چڙھائي ڪئي ۽ ڪارڪنن کي حراسان ڪيو اھڙي عمل خلاف ايس ٽي پي جا ڪيترائي ڪارڪن ايس ٽي پي آفيس پھچي ويا ۽ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح، ٻُڍل مگسي ۽ شاهنواز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن چيو ته رينجرس بلا جواز اسان جي آفيس تي چڙھائي ڪئي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته اسان رياست جي اھڙين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ اسان جي جان به حاضر آھي.

Read Previous

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي

Read Next

رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ٻئين ڏينهن به جاري

Most Popular