نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ ناريءَ روهڙي واسي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو

خيرپور (ڊر) نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ ناريءَ روهڙي واسي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جي ڌمڪين سبب دربدري جو شڪار، تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل، احتجاج، خبر موجب نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات نسيمه عرف سيمه ڌيءَ مهرالله بروهي گهران نڪري سکر جي تعلقي روهڙي جي ڳوٺ طالب حسين جي رهواسي نوجوان محمد يوسف ولد طالب حسين بگٽي سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي پرڻي بعد جوڙي پريس ڪلب خيرپور پهچي اخبار وارن کي ٻڌايو ته ناريءَ نسيمه جو پيءُ مهر الله، پرويز، فقير محمد، علي شير، علي اڪبر، علي حسن ۽ ٻيا اسان کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اسان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ دربدري جو شڪار آهيون، هنن چيو ته اسان تحفظ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.

Read Previous

رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪل جي عملي پاران ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ٻئين ڏينهن به جاري

Read Next

خيرپور : واڪ جي دوران سينيئر سٽيزن جي حوالي سان نصيحت آميز بينر ۽ پمفليٽ پڻ شهر جي مختلف چوراهن تي آويزان ڪيا وڃن : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

Most Popular