خيرپور : واڪ جي دوران سينيئر سٽيزن جي حوالي سان نصيحت آميز بينر ۽ پمفليٽ پڻ شهر جي مختلف چوراهن تي آويزان ڪيا وڃن : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته اسان جي ملڪ لاءِ اسان جي وڏڙن جون لازوال خدمتون سرانجام ڏنل آهن انهن وڏن بزرگن جي اڻٿڪ محنت کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي، انهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ سينيئر سٽيزن، وڏن بزرگن کي پينشن سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اي ڊي سي ٽو ظفر عباس عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ ظفر اقبال ڦلپوٽو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ شجا الحسن، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ ذوالفقار علي گلال، وائيس پرنسپال ڪي ايم سي ڊاڪٽر خوش محمد سوهو، ايڪسيئن ايجوڪيشن ورڪس محمد اسلم لاشاري، روٽرين شجاعت صديقي، ڊسٽرڪٽ مينيجر هينڊز حيدر علي جتوئي، ڊسٽرڪٽ مينيجر سرسو خادم علي شر سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو ته سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، 15 آڪٽوبر تي سينيئر سٽيزن جي حوالي سان رکيل واڪ پروگرام  متعلق ڄاڻ دريافت ڪئي ۽ تياري مڪمل نه هجڻ جي ڪري واڪ پروگرام جي تاريخ تبديل ڪري 28 آڪٽوبر تي رکي وئي. ڊي سي خيرپور چيو ته هڪ ريلي يا واڪ جو مقصد هڪ مثبت ميسيج فراهم ڪرڻ آهي بنا تياري جي ريلي يا واڪ مان ڪو به فائدو نه پوندو. ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته واڪ جي دوران سينيئر سٽيزن جي حوالي سان نصيحت آميز بينر ۽ پمفليٽ پڻ شهر جي مختلف چوراهن تي آويزان ڪيا وڃن ته جيئن عوام ۾ ان حوالي سان شعور پيدا ٿئي. هن چيو ته اهڙن عالمي ڏهاڙن کي ضلعن اندر ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر / ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي 29 رٽائرڊ ميل، فيميل ملازمن ۾ پينشن، مالي امداد، پگھارن ۽ ٻين بقاياجات جي مد ۾ رٽائرڊ ملازمن جا مالي مسئلا حل ڪري مجموعي طور تي 8400000 جا چيڪ رٽائرڊ ملازمن ۾ تقسيم ڪيا ويا.

Read Previous

نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ ناريءَ روهڙي واسي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو

Read Next

دادو جي اسڪول ۾ گلوبل هينڊ واشنگ ڊي ملهايو ويو ٻارڙن کي صفائي سٿرائي ۽ هٿن کي سٺي ريت ڌوئڻ جا طريقا پڻ ٻڌايا ويا

Most Popular