دادو جي اسڪول ۾ گلوبل هينڊ واشنگ ڊي ملهايو ويو ٻارڙن کي صفائي سٿرائي ۽ هٿن کي سٺي ريت ڌوئڻ جا طريقا پڻ ٻڌايا ويا

دادو : دادو ۾ ياسر پبلڪ هاء اسڪول جي برانچ 2 ۾ پهرين کان اٺين درجي جي ٻارڙن ۾ دنياوي سطح تي هٿن ڌوئڻ جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي اسڪول ۾ ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻ ڪامران ڪورائي پاران ٻارڙن کي هٿن ڌوئڻ جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي. اسڪول ياسر پبلڪ هاء اسڪول برانچ 2 جي پرنسپال واجد ملاح وائس پرنسپال وحيد ملاح استادن سڄڻ ملاح، مس نجمه بلوچ، آپا رحانه ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول انتظاميه طرفان اسڪول ۾ داخل سمورن ٻارڙن کي صابڻ سان هٿ پڻ ڌوريا ويا ۽ آگاهي ڏني وئي ته هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد اوهان پاڻ کي مختلف بيمارين کان بچڻ لاء وقتن به وقتن هٿن جو ڌوئڻ لازمي آهي جئين اوهان راند روند ، ڀاٿروم جي استعمال ۽ ماني کائڻ کان اڳ هٿن جو ڌوئڻ لازمي آهي اسڪول انتظايه پاران هاڻوڪي هلندڙ وبائي مرض بابت پڻ ڄاڻ فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ ٻارڙن کي لازمي  ماسڪ پائڻ سينيٽيرز جو استعمال ۽ سماجي وٿي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏني وئي

Read Previous

خيرپور : واڪ جي دوران سينيئر سٽيزن جي حوالي سان نصيحت آميز بينر ۽ پمفليٽ پڻ شهر جي مختلف چوراهن تي آويزان ڪيا وڃن : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

Read Next

خيرپور: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي سڏ تي آبپاشي کاتي جي ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس کان ريلي ڪڍي وئي

Most Popular