اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان الزام لڳايو آهي ته نيب حڪومت جي مرضي تي هلي رهيو آهي ۽ جلسن کان اڳ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو چٽو ثبوت آهي. واضح رهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر جي گرفتاري جاري ٿيڻ تي شيري رحمان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته نيب جي ڪارروائين تي اعليٰ عدالت کان وٺي عالمي ادارن به سوال اٿاريا آهن. هن چيو ته لڳي پيو ته حڪومت سان گڏ هاڻ نيب به بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي نيب چيئرمين اختيارن جو ناجائز فائدو نه کڻي. شيري رحمان چيو ته اڳواڻن کي گرفتار ڪريو يا ڪارڪنن کي پيپلز پارٽي هن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪندي.