خبر پئي آهي ته شهباز شريف نيب وٽ گرفتاري دوران ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيو آهي: شهزاد اڪبر

لاهور:  وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر  چيو آهي ته مون کي خبر پئي آهي ته شهباز شريف اڄڪلهه نيب وٽ گرفتاري دوران ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف نيب جي عدالت ۾ وڃي ڊراما ڪري رهيو آهي. اڃان شهباز شريف جي ڪاروبار جو فرانزڪ ٿيڻو آهي ان لاءِ ذهني ٻڏتر جو شڪار آهي. هن چيو ته نيب کي شريف فيملي جي ڪرپشن جو هڪ ٻيو ريفرنس مليو آهي. العربيه شوگرملز ۽ رمضان شگر ملز جي 10 سالن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو ته ڪيتريون ئي حيران ڪندڙ شيون سامهون آيون آهن. ان ڪمپنين جي گهٽ آمدني وارن ملازمن جي نالي تي بي نامي اڪائونٽس ٺاهيا ويا ۽ ان اڪائونٽن جي ذريعي 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. شهزاد اڪبر ٻڌايو ته گهٽ آمدني وارن 12 ملازمن جي نالي سان بي نامي اڪائونٽن جي ذريعي 15 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي جڏهن ته ٻين ڪجهه ملازمن جي نالي تي 7 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي ويئي جيڪي ڊبل فيڪ ڪمپنيون هيون.

Read Previous

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ملي وئي

Read Next

اڳواڻن کي گرفتار ڪريو يا ڪارڪنن کي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين: شيري رحمان

Most Popular