قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر کي باھ ڏئي

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر کي باھ ڏئي سندس معصومن ڀيڻ ڀاءُ 5 سالا ضميران جتوئي ء 6 سالا عجيب جتوئي کي زنده ساڙي مارڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارن غلام حيدر ولد پنهون جتوئي، علي گل ء علي گوهر پٽ لال محمد جتوئي، حسين ولد مسو جتوئي، لياقت ولد شفيع محمد جتوئي ء الھ بخش ولد مکڻ جتوئي جي سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. باھ ۾ ساڙي ماريل معصوم ٻارڙن جي ماء مسمات وزيران جتوئي ء پيء اقبال جتوئي ء ٻين عزيزن ميڊيا آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي چيو ته عدالت سڳوري بي درديء سان اسان جي معصومن کي ساڙي ماريندڙ جوابدارن جي ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي مگر قاضي احمد پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سيشن ڪورٽ سڳوري به اڳم جوابدارن جون ٻه ڀيرا ضمانتون رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو مگر جوابدار بااثر هجڻ ڪري قاضي احمد پوليس ساڻن ٻٽ بڻيل آهي ء کين گرفتار نپئي ڪري، هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار اسان کي ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان مسڪين غريب ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃون ڪنهن کي دانهن ڏيون پوليس به ڏوهاري گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي ڌمڪائي رهي آهي، هنن وڌيڪ مبينا طور الزام ھڻندي چيو ته اسان جي معصومن جا قاتل اڳم به خونن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل هئا جنهن جي ڪجھ ڏينھن بعد انهن ظالمن اسان جي گهر کي باھ ڏئي الھ تلھ ساڙي ڇڏيو ء معصوم ٻارڙن کي به ساڙي ماري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي اسان جي معصومن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت م اسان به پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسون ان جي ذميوار قاضي احمد پوليس هوندي. جڏهن ته ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻھار موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي اهڙي ڪنهن به فيصلي يا آرڊر جو اسان کي علم ناهي. باقي وارثن يا ڪورٽ سڳوري طرفان اهڙو ڪو ليٽر جاري ٿيندو ته اسان ضرور ڪارروائي ڪنداسين.

Read Previous

تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوهڻ عبدالستار ميمڻ پاران مختلف اسڪولن جا اوچتا دورا،

Read Next

سکر: وزير اعظم پاڪستان عمران جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ملڪ خساري مان نڪري چڪو آھي : قاسم خان سوري

Most Popular