سکر: وزير اعظم پاڪستان عمران جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ملڪ خساري مان نڪري چڪو آھي : قاسم خان سوري

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ملڪ خساري مان نڪري چڪو آھي وڌندڙ مهانگائي جو کيس احساس آھي ٽائيگر فورس ذريعي مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏنو ويندو اهڙو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ پاران قومي اسيمبلي چيمبر ۾ ڪيل ملاقات دوران ڪيو ان موقعي تي عبدالغفار ڪلوڙ به موجود هو سکر مان جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي حڪومت بي روزگار نو جوانن کي نوڪريون به ڏيندي ۽ روزگار جا موقعا به فراهم ڪندي ۔ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ پاران سکر جو دورو  ڪرڻ جي دعوت کي قبوليندي قاسم خان سوري چيو ته جلد ئي سکر جو دورو ڪري عوام ۽  ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪري مسعلا به ٻڌندس

Read Previous

قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر کي باھ ڏئي

Read Next

ڳڙھي خيرو:هر محاذ تي اسان طلباء جي حقوق جي جنگ وڙھي آ ۽ هاڻي به صف اول جو ڪردار ادا ڪنداسين: هدايت الله پيرزادو

Most Popular