نوشهروفيروز:سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت، وارثن جو احتجاج، ڊاڪٽرن تي لاپرواهي ۽ غفلت جا الزام. نيو جتوئي جي رهواسڻ مسمات گلشاد بيگم کي ڊليوري جا سور ٿيڻ ڪري سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي گذريل ڏينهن کان پيراميڊيڪل عملو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج تي ويٺل هيو ته ۽ ڊاڪٽرن پاران عورت جو علاج نه ٿيڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين تڙپندي ٻار سميت فوت ٿي وئي. ان موقعي تي عورت جي مڙس عاقب علي کوسو ٻڌايو ته منھنجي زال کي اٺون مھينو پيٽ ھيو سور پوڻ جي ڪري اسان پرائيويٽ اسپتال کڻي ويا سين پر انھن ايمرجنسي وارڊ نوشھرو فيروز ۾ کڻي وڃڻ جو چيو جڏھن سول اسپتال نوشھرو فيروز پھتاسين ته اسپتال ۾ موجود ڪجھ  عملو پريشان ٿي ويو ھڪ ٻئي ڏي نھارڻ لڳا پر ڪنھن به ڊاڪٽر  منهنجي گهرواري کي چيڪ نه ڪيو هڪ ڪلاڪ بعد نرسون آيون جن ٻڌايو ته توهان جي عورت فوت ٿي وئي آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب ٻه جانيون ضايع ٿيون آهن انهن جي قتل جو ڪيس ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان داخل ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

ڳڙھي خيرو:هر محاذ تي اسان طلباء جي حقوق جي جنگ وڙھي آ ۽ هاڻي به صف اول جو ڪردار ادا ڪنداسين: هدايت الله پيرزادو

Read Next

نيوسعيدآباد : پ پ پ سپاف يوٿ هاري ڪميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Most Popular