انڙ برادري جي ٻن گروپن ۾ زميني تڪرار جو فيصلو حاجي محمد خان جوڻيجو پاران ڪيو ويو هو

سڪرنڊ: رپورٽ علي اصغر چوهاڻ  ڪجھ عرصو اڳ انڙ برادري جي ٻن گروپن ۾ زميني تڪرار جو فيصلو حاجي محمد خان جوڻيجو پاران ڪيو ويو هو پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود فيصلي تي عمل نه ٿي سگهيو جنهن ڪري ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو انديشو پئدا ٿي ويو آھي، ان کي مدنظر رکندي پاڪستان سماٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر حاجي محمد خان لاکو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري شاهنواز انڙ جي ڪاوشن سان علائقي جي معزز شخصيتن رئيس امداد علي راهو، رئيس نظر محمد انڙ، رئيس نوراحمد لاکو، نور محمد پرهياڙ،  سائين عزير احمد ڦل، استاد احمد خان انڙ ۽ ٻيا فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاء انڙ قوم جي چيف سردار ڄام تماچي انڙ وٽ پهتا ان موقعي تي سردار ڄام تماچي انڙ پاران آيل قافلي کي يقين ڏياريو ته جلد ئي ٿيل مذڪوره فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو۔

Read Previous

ٽنڊوالهيار: ڊايوسيس آف حيدرآباد چرچ آف پاڪستان پاران سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۽ تازو آيل برساتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جي تقريب

Read Next

راڻيپور : هٿياربندن سان مقابلو شروع ڪري ڏنو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ هٿياربند خيرپور جو رهائشي نالي اشرف ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو

Most Popular