ٽنڊوالهيار: ڊايوسيس آف حيدرآباد چرچ آف پاڪستان پاران سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۽ تازو آيل برساتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جي تقريب

ٽنڊوالهيار (رپورٽر)ڊايوسيس آف حيدرآباد چرچ آف پاڪستان پاران سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۽ تازو آيل برساتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جي تقريب سينٽ ميريز اسڪول خواجه اسٽاپ ٽنڊوالهيار ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ پارٽنرز ڪنور شيم ٽير فنڊ يو ڪي ۽ ڊآيوسيس آف حيدرآباد جي گڏيل سهڪار سان هڪ سئو کان وڌيڪ خاندانن ۾ هڪ هڪ مهيني جو راشن ورهايو ويو، ان موقعي تي پادري ڊاڪٽر ڊينئل فياض تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب انساني جانين جو وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ سنڌ ۾ تازو آيل برساتن سبب ڪافي نقصان ٿيو آهي ۽ انسانيت کي روئندي ڏسون پيا، خاص ڪري پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، انهن وٽ ٻه ويلا کائڻ لاءِ سامان نه آهي ۽ قدرتي آفتن جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، هن چيو ته اسان ۽ اسان جي ٽيم انسانيت جي نالي تي ڏکايل انسانيت جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي. اسان سڀ آدم عه جو اولاد آهيون ۽ مذهبي توڙي سماجي جي فرق کان مٿانهون ٿي پوري انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهندي خدمت ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا جي هر مذهب جو پهريون درس ئي انسانيت جي خدمت ڪرڻ هوندو آهي، سمورن انسانن سان محبت ڪرڻ ۽ ٻين انسانن کي تڪليف نه ڏيڻ جو سبق مذهبن مان ملي ٿو. اسان کي گهرجي ته غريب ۽ بيوس ماڻهن کي پريشانين مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سندن مدد ڪريون، جيڪو سڀ کان بهترين عمل آهي، هن چيو ته هڪ طرف پوري دنيا جي انسانيت ڪرونا جي وبا سبب پريشان آهي ۽ هر انسان ڏک، تڪليف، پريشاني سميت نااُميدي ۽ سوڳ ۾ مبتلا آهن ۽ ٻئي طرف سنڌ ۾ تازو آيل برساتن سبب ٿيل تباهيءَ جي ڪري عوام سخت ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي خدا طرف ڏسي رهيا آهن، جيڪو ڪنهن مسيحا کي موڪلي سندن مدد لاءِ، اهڙي صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ ان عمل ذريعي اسان پنهنجي خدا ۽ ان جي محبوب جي رضا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. پادري ڊينئل فياض وڌيڪ چيو ته اسان جي مسيحي مذهبي اڳواڻ بشپ ڪليم جان جي خاص هدايتن تي انساني همدرديءَ کي نظر ۾ رکندي هن وقت تائين 2 هزار کان وڌيڪ ڪرونا کان متاثر خاندانن جي مدد ڪري چڪا آهيون، جنهن ۾ کاڌ خوراڪ کان علاوه صحت ۽ ڪيش جي صورت ۾ خدمت جو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو، اسان پنهنجي پارٽنرز جي سهڪار سان ڪرونا کان متاثر ٿيل ماڻهن ۾ 20 هزار روپين جو چيڪ ڏئي چڪا آهيون. سنڌ ۾ لاڙڪاڻو، ٺٽو، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ، ڄامشورو سميت سنڌ جي هر شهر ۾ خدمت جو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو، ان موقعي تي نظير مسيح، نديم فرانسس، ايمينوئيل، اسحاق فرانسس، ٽي آر چنا، ڀلجي راءِ، ڀيمو، نويد شيخ، مس ساران موجود هئا.

Read Previous

سانگھڙ: مقصودورند ڀرسان ڦٽيون چونڊيندي 12 ساله نياڻي اغوا، وارثن جو احتجاج، امڙ روئيندي بي حال! وارثن جو ٿاڻي جو گهيراء

Read Next

انڙ برادري جي ٻن گروپن ۾ زميني تڪرار جو فيصلو حاجي محمد خان جوڻيجو پاران ڪيو ويو هو

Most Popular