
اسلام آباد: ازيراعظم عمران خان نيشنل يونيويرسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (نسٽ) سائنس پارڪ ۾ ڪارڊيڪ اسٽنٽ جي تياري جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم نسٽ ۾ ڪارڊيڪ اسٽنٽس جي پروڊڪشن يونٽ جو افتتاح ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسٽنٽ تيار ڪندڙ دنيا جي 18 ملڪن ۾ شامل ٿي ويو ۽ مسلم دنيا جو ٻيون ملڪ بڻجي ويو، اسلامي دنيا ۾ ترڪي کانپوءِ پاڪستان کي اهو اعزاز حاصل ٿيو. مقامي طور تي اسٽنٽ تيار ٿيڻ سان ملڪ ۾ دل جي مريضن لاءِ معياري ۽ سستو حاصل ٿي سگهندو. فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۾ پاڪستان جو هڪ ٻيو وڏو قدم، وزيراعظم عمران خان نسٽ سائنس پارڪ ۾ دل جي اسٽنٽ جي مينو فيڪچرنگ جو افتتاح ڪيو، هي اسٽنٽس يورپي معيار جا آهن، ان سهولت جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪو اسٽنٽس تيار ڪندڙ ميڊيڪل ٽيڪنالوجي جي صلاحيت رکي ٿو.