قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي

نوابشاهه (رپورٽ:دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ ۽ فيسون وڌائڻ واري عمل خلاف اڄ پنجين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي، جڏهن پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ھمدردي طور بک ھڙتال ۾ شرڪت ڪئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ارشاد خاصخيلي مختيار سنڌي ارشاد مغيري سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان کي ھتي پنجون ڏينهن آھي ليڪن يونيورسٽي جي انتظاميه اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جا ڪورونا وائرس ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا، جڏھن ته ھن وقت اسان کان آن لائين امتحان وٺڻ بجاءِ ريگيولر امتحان ورتا پيا وڃن جيڪا اسان سان انصافي آهي، ھنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن ۽ يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي رھي آھي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھايو وڃي ۽ اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان جو جائز مطالبا تسليم ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

نوشهروفيروز: 12 ئي ڪلاڪ ٽريزري جا دروازا کليل آهي جڏهن ته خزاني آفيس ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ڪيو وڃي

Read Next

نوابشاهه جي خانگي تعليمي اداري ايمس سوليوشن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو

Most Popular