نوشهروفيروز: 12 ئي ڪلاڪ ٽريزري جا دروازا کليل آهي جڏهن ته خزاني آفيس ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ڪيو وڃي

نوشهروفيروز ( ڊ ر) خزاني آفيس نوشهروفيروز ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي وئي، ٽريزري ملازم صبح 12 وڳي آفيس اچڻ لڳا، ريٽائرڊ ملاز ۽ ضعيف پيرسن صبح کان گيٽ تي انتظار ۾ بيٺل، ايجنٽن لاءِ صبح کان شام تائين دروازا کليل، ملازمن جو پريس ڪلب آڏو ٽريزري آفيس عملي احتجاج. ان موقعي تي ريٽائرڊ ملازم محمد هاشم بهڻ، محمد سليمان لاشاري، خادم حسين مري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته خزاني آفيس ۾ ظلم جي انتها آهي اسان ريٽائرڊ ملازم صبح سوير پنهنجا ڪم ڪرائڻ لاءِ خزاني آفيس پهچندا آهيون پر ٽريزري عملو پنهنجي مرضي سان 12 وڳي ايندو آهي ۽ 3 وڳي آفيس جا دروازا عام ماڻهو لاءِ بند ڪيا ويندا آهن. جڏهن دروازا بند ڪرڻ جو سيڪيورٽي گارڊ کان پڇيو ويو ته هنن چيو ته ٽريزري آفيسر حسن چنگيزي جو حڪم آهي ته مخصوص ماڻهن کان سواءِ ڪنهن عام ماڻهوءَ کي اندر نه موڪليو وڃي. هنن چيو ته اسان ضعيف ملازمن کي رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ سڄو ڏينهن رلائي دربدر ڪري واپس گهرن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو جڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن چيو ته ٽريزري آي پر ٽريزري ۾ وڏي تعداد ۾ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ 12 ئي ڪلاڪ ٽريزري جا دروازا کليل آهي جڏهن ته خزاني آفيس ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ڪيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ خزاني آفيس جي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري ايجنٽ سسٽم بند ڪري ريٽائرڊ ملازمن کي رليف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

سکر جي واھن تان بي گھر ڪيلن طرفان جوڙيل واھ ايڪشن ڪاميٽيء طرفان احتجاج ڪندي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي

Most Popular