مورو: ڊسپينسري جي عمارت مڪمل تباهه، جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو

مورو ) محمد انيس ڪلھوڙو ( مورو ڀرسان ڳوٺ ماڙي ۾  ڊسپينسري مڪمل طور تي بند آهي ۽ عمارت مڪمل طور ناڪارا زبون ٿي وئي آهي ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي ۽ جاني مالي نقصان تي سگهي ٿو ڊسپينسري 30 سال اڳ ۾ قائم ٿي هئي جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو باقاعدي طور ڊيوٽي ڪندا هئا ۽ ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم هيون ۽ مريضن جو علاج ٿيندو هو مريض کي دوائون ملنديون هيون پر سالن کان هي ڊسپينسري بند آهي ۽ ڳوٺاڻن کي صحت جون سهولتون نه آهن جنھن ڪري ڪيترائي ايمرجنسي جا مريض ۽ بيمار ماڻهو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن ۽ شهر جي ٻين اسپتالن ڏانهن ويندي پڻ مري ويا آهن پر سنڌ جي حڪمرانن صحت کاتي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوشھروفيروز جي اعلي اختيارين کي هن نازڪ مسئلي تي ڪو به توجهه نه آهي جڏهن ته هتان جا چونڊيل نمائندا پڻ خاموش آهن انهن کي غريب ماڻهن جي ڪا به پرواهه نه آهي ڳوٺ ماڙي جي ڳوٺاڻن هتان جي چونڊيل نمائندن صحت کاتي جي آفيسرن کي هن ڊسپينسري جي مرمت ڪرائي ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندا اچن پيا پر هميشه ڪن لٽار ڪئي وڃي ٿي انهن غريب مريضن، ۽ غريب ماڻهن جو فوت ٿيڻ تي ڪا به پرواهه نه آهي هتان جي ٻگهيا برادري جي معزز شخصيت  عبدالعزيز ٻگھيو، ذڪر ﷲ ٻگھيو  ۽ ٻين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صحت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت سنڌ، ۽  ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز، کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته بند پيل ڊسپينسري، کي کولرائي ڊاڪٽر ۽ عملي کي مقرر ڪري ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ڊسپينسري جي عمارت جي مرمت ڪرائي بهتر انداز ۾ آندو وڃي ڳوٺاڻن جو جائز مطالبا پورو ڪيو وڃي

Read Previous

بھراڙي جي عورت تمام سادي زندگي گذارڻ سبب ۽ تعليم نه ھجڻ سبب پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھي : اياز لطيف پليجو

Read Next

ڳڙھي خيرو: عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اهلسنت پاران نوري مسجد ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو

Most Popular