ڳڙھي خيرو: عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اهلسنت پاران نوري مسجد ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو

ڳڙھي خيرو (رپورٽر:اسدالله لغاري) عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اهلسنت پاران نوري مسجد ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو، شھر ۾ صفائي سٿرائي ۽  مرڪزي جلوس کي ملندڙ سيڪيورٽي انتظامن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، تفصيل موجب عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ تعلقي صدر سيد نادر علي شاھ جي اڳواڻي ۾ جماعت اھل سنت پاران نوري مسجد ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿي گذريو،  ان موقعي تي ربيع الاول جي پروگرامن خاص طور تي ٻارنهن ربيع الاول جي مرڪزي جلوس جي انتظامن کي حتمي ترتيب ڏني وئي، ان موقعي تي ربيع الاول مھيني جي حوالي سان شھر ۾ صفائي سٿرائي ۽ حفاظتي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي علماء ڪرام پاران رييع الاول جي دوران شھر ۾ صفائي سٿرائي ۽ حفاظتي انتظامن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ربيع الاول جي آمد جي موقعي تي ضلعي انتظاميا صرف رسمي طور تي اجلاس گھرائڻ تائين محدود رھندي آھي، جڏھن تہ عملي طور تي ڪي به قدم ناهن کنيا ويندا، انھن شهر جي صفائي سٿرائي ۽ مرڪزي جلوس کي ملندڙ سيڪيورٽي انتظامن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان معاملي جو نوٽيس وٺي ربيع الاول جي مھيني ۾ شھر اندر صفائي سٿرائي ۽ مرڪزي جلوس سوڌو عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي پروگرامن کي ملندڙ حفاظتي انتظامن کي بھتر بنائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو، ان موقعي تي مفتي فضل محمد جمالي،  مولانا زاھد حسين، مولانا منير احمد، مولانا عبدالحليم ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Read Previous

مورو: ڊسپينسري جي عمارت مڪمل تباهه، جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو

Read Next

پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ جي سليڪٽيڊ وزيراعظم کپي يا اليڪٽيڊ وزير اعظم کپي: پ پ ايم اين اي مھرين ڀٽو

Most Popular