بھراڙي جي عورت تمام سادي زندگي گذارڻ سبب ۽ تعليم نه ھجڻ سبب پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھي : اياز لطيف پليجو

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته وقت اچي ويو آھي ته ٻھراڙي جي عورت پنهنجي حقن لاء پاڻ آواز اٿاري. مينجمينٽ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن  ۽ آڪسفيم پاڪستان جي سھڪار سان حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ ڳوٺاڻي عورتن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو جنھن ۾ سياسي سماجي ۽ تدريسي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھن ۽ بھراڙي جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو  چيو ته بھراڙي جي عورت تمام سادي زندگي گذارڻ سبب ۽ تعليم نه ھجڻ سبب پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھي انٽرنيٽ جي جديد دور ھجڻ سبب به ھن کي روزاني پنج ڇھ ڪلو ميٽرن تان پئيڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻو پوي ٿو. ھئينر وقت اچي ويو آھي ته بھراڙي جي عورت پنھنجي حقن لاءِ پاڻ آواز اٿاري.  سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ذوالفقار ھاليپوٽو چيو ته جھڙي ريت سڄي دنيا ۾ ٻين حوالن سان عالمي ڌينھن ملھايا ويندا آھن اھڙي ريت ٻھراڙي جي  عورتن ۽ انھن جي مستقل محنتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي عورتن جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. ھن سال بھراڙي جي عورتن جي عالمي ڏھاڙي کي ڪرونا کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال سان جوڙيو ويو آھي. زرعي ترقي جي ماھر  پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته بھراڙي جي عورتن  جي ترقي ۽ چوپائي مال جي پالنا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي جنھن سان ملڪ ۾ خوراڪ جي فراھمي ۽ اقتصادي ترقي ٿي. عورتن ان سا گڌ رليون ، ٽوپيون ، اڳٺ ، ۽ دٻڪيون ٺاھي پڻ پنھنجي گھر ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. عورتن جي تحفظ جي اداري جي نمائندي ماروي اعواڻ چيو ته ھاڻي ملڪ جي عورت لاءِ تمام گھڻا قانون پاس ٿي ويا آھن جن سان خاص طور تي عورتن مٿان جسماني ۽ جنسي تشدد ۾ گھٽتائي ٿي آھي. اسان جو ادارو عورتن کي تحفظ فراھم ڪري رھيو آھي. سيڊا جي نمائندي پرويز ٻانڀڻ ڳالھائيندي چيو ته ايم ڊي ايف عورت امن ۽ پاڻي جي حڪمراني واري منصوبي سان سنڌ جي ٽن ضلعن جي واھڻ ۽ وستين ۾ جيڪا سڄاگي ڏني آھي ان جو ڪو مٿال ڪونھي. منصوبي جي خاص ڳالھ ھي ھئي ته ھن منصوبي ۾ بھراڙي جي عورتن  کي پاڻي جي ورھاست ۽ فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو ماضي ۾ ڪڏھن ڪون ٿيو ھيو. سيڊا ۽ ايم ڊي ايف بھراڙي جي عورت کي پنھنجا پاڻي جا حق وٺڻ لاءِ جيڪا تاريخ ساز جدوجھد ڪئي اھا سدائين ياد رکي ويندي. عورت امن ۽ پاڻي جي حڪمراني واري منصوبي جي اڳواڻ ڪرن دائود پوٽو چيو ته ايم ڊي ايف بھراڙي جي عورتن کي پاڻي جي ورھاست ۽ حڪمراني لاءِ سنڌ واٽر مينجمينٽ آرڊينينس 2002 ۾ ترمرميم ڪري  ھر واٽر ڪورس ايسوسئئشن ۾ ٻن عورتن کي شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرايو آھي جيڪو جلد پاس ٿي ويندو. ھن بل جي پاس ٿيڻ سان نوي ھزار کان وڌيڪ عورتون پاڻي جي ورھاست واري عمل ۾ فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿي وينديون جيڪو سنڌ ۾ صوبائي ۽ بلدياتي ڇونڊن کان پوءِ سڀ کان وڏو چونڊ وارو عمل ھوندو.  ايم ڊي ايف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر مصطفي! حسن راڄپر آيل مھمانن جي ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏھن ساڻن سيڊا، سياپيپ ، مھراڻ يونيورسٽي ، ضلعي انتظاميا جو سھڪار نه  ھجي ھا ته ھي منصوبو پھنجا مقصد حاصل نه ڪري سگھي ھا پر انھن ادارن جي تعاون ۽ خاص طور تي ڳوٺاڻن جي تعاون سان ھي منصوبو ڪاميابي ڏانھن وڌيو. عالمي ڌينھن جي موقعي تي اوم پرڪاش، ڊاڪٽر يامين ميمڻ ، امبر لغاري ، عظمي پنھنور، رخسانا سولنگي ، عمران قريشي ۽ ڪاشف صديقي  پڻ خطاب ڪيو.

Read Previous

نوابشاهه جي خانگي تعليمي اداري ايمس سوليوشن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو

Read Next

مورو: ڊسپينسري جي عمارت مڪمل تباهه، جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو

Most Popular