باڊھ 14 سال گذرڻ باوجود باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، شهرين پاران احتجاج

باڊھ : باڊھ  14 سال گذرڻ باوجود باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو تاريخي شھر باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاء باڊھ بچايو تحريڪ پاران درگاھ چوڪ کان پريس ڪلب تائين  شھيد ڀٽو حسيني جماعت جي اڳواڻي ۾   احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي باڊھ تعلقي جي بحالي لاء زوردار نعريبازي ڪئي وئي جيسيتائين باڊھ تعلقي جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رهندو اڳواڻ خبر موجب : باڊھ تعلقي جي بحالي لاء باڊھ بچايو تحريڪ پاران درگاھ چوڪ کان پريس ڪلب تائين شھيد ڀٽو حسيني جماعت پاران احتجاجي ريلي ڪڍي باڊھ تعلقي جي حق ۾ زبردست نعريبازي ڪئي ان موقعي تي باڊھ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن   ساجد جوڻيجو اويس رضا سليمان جوڻيجو  ۽ ٻين چيو ته اسان باڊھ تعلقي جي بحالي لاء مسلسل 14 سالن کان احتجاج ڪندا پيا اچو پر گونگا ٻوڙا حڪمران اسان جي احتجاج کي مسلسل نظر انداز ڪري رهيا آھن اسان صرف ۽ صرف  باڊھ تعلقو گهري رهيا آھيون هي تحريڪ گرمي سردي  ڏکيائين ۽ تڪليفن باوجود جاري رهندي اسان کي يقين آھي ته هڪ ڏينهن باڊھ تعلقو ضرور ٿيندو ڇوته باڊھ هڪ  تاريخي شھر جي حيثيت رکي ٿو  ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي شھيد ڀٽو جي اڳواڻن طارق مراد منگي ڊاڪٽر قادر لاشاري مور سنڌي جمشير جوڻيجو حسيني جماعت قمبر شريف جي اڳواڻن ارشاد ساريو رضا جوڻيجو حسيني سماجي اڳواڻ مير اعجاز بروهي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته باڊھ شھر ماضي جو تاريخي ۽ خوبصورت شھر رهيو آھي پر هتان جي حڪمرانن باڊھ شھر کي هٿ سان تباھ ڪيو آھي باڊھ شھر کي 2010 ۾ ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڏوڪري شھر جي علي پارڪ ۾ هزارين  ماڻھن جي موجودگي ۾ تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هيو جنهن تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آھي 2016 ۾ سنڌ جي موجوده وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران نئين گڏ ۾ هڪ دفعو ٻيهر باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن جي فزيبلٽي رپورٽ نقشو تيار هجڻ باوجود وڏيرن جي سياسي مداخلت ۽ اندروني اختلافن سبب هن مهل تائين باڊھ تعلقي جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪري باڊھ جي عوام سان ويساھ گهاتي ڪئي پيئي وڃي جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته 2018 جي جنرل اليڪشن ۾ پيپلز جي اميدوارن پنهنجي اليڪشن مهم جي هلندڙ جلسن ڪارنر گڏجاڻين ۾ بار بار اعلان ڪيو ته اليڪشن کٽڻ کانپوء باڊھ شھر کي تعلقي جو درجو ڏيارينداسين پر سندن ڪيل واعدا وفا نه ٿي سگهيا آھن هنن چيو ته جيسيتائين باڊھ تعلقي جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويندو ان وقت تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو ۽ آئينده هن کان به وڌيڪ  سخت احتجاج ۽ جدوجهد ڪري حڪمرانن کي باڊھ تعلقي جي نوٽيفيڪيشن جاري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن کان اڳ ۾ باڊھ تعلقي جو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي جي اميدوارن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو

Read Previous

ڳڙھي خيرو : 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ڪندو

Read Next

گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائينس بند ڪرڻ خلاف تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪم ڇڏ هڙتال

Most Popular