سانگهڙ ڪراچي ۾ مولانا عادل شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي )سانگهڙ ڪراچي ۾ مولانا عادل شھيد جي قاتلن جي گرفتاري تي ضلعي سانگهڙ سان تعلق رکندڙ سنجھورو جھول سانگهڙ سميت مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي علماء اتحاد ڪميٽي اھلسنت والجماعت جي طرفان صرافا بازار کان پريس ڪلب سانگهڙ تائين شھيد مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي قاتلن جي گرفتاري جي خلاف ھڪ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ مولانا ابو طئه، مولانا مقبول سميع شاھ، مولانا سلطان احمد، مولوي عبدالرحمان، مفتي آفتاب لغاري ۽ چيو ته ڪراچي ۾ ھڪ پلاننگ سان مولانا ڊاڪٽر عادل کي شھيد ڪيو ويو آهي جنهن جي پر زور لفظن سان مذمت ڪريون ٿا افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن وقت تائين شھيد جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن اسان حڪومت کي آگاهي ٿا ڏيون ته شھيد مولانا ڊاڪٽر عادل جي قاتلن کي سر عام ڦاسي ڏني وڃي ۽ گڏوگڏ اھو ٿا چئون ته علماء اڪرام کي تحفظ ڏنو وڃي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين اسان جي رڳ رڳ رڳ رت جو ڦڙو به ھوندو ته زندھ ھوندا سي ت صحابه ڪرام جي گستاخي برداشت نه ڪنداسين اڄ شھر ۾ پر امن ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سوين عاشقي رسول شريڪ ٿيا ۽ شھيد مولانا ڊاڪٽر عادل خان قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعرا ھڻندا رھيا ۽ انتظاميا ڀرپور چوڪس رھي ڪو به اھڙو خطرناڪ اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو امن امان جي صورتحال سان ريلي پکڙجي وئي

Read Previous

ميهڙ شھر واسي واپڊا ملازم ۽ يوٿ يونائيٽيڊ الائينس جي صحافين اڳيان دانهيندي

Read Next

سنڌ ترقي پسند پاران سنڌ جي بيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular