سنڌ ترقي پسند پاران سنڌ جي بيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

سڪرنڊ (رپورٽ علي اصغر چوهاڻ )سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪيل بک هڙتال کان پوء نواب شاھ ۾ ضلعي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي تعلقه سڪرنڊ پاران هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب وٽ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ عبدالقادر جيلاني خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاء صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو جيڪو ان صورت ۾ جاري ٿي سگهي ٿو جڏهن پارليامينٽ نه هجي، جڏهن ته هن وقت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ موجود آھي پر انهن مقدس ادارن کي باء پاس ڪري صدارتي آرڊيننس آڻي اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي ٻيٽن تي ٻاهريان ماڻھو منظم طريقي سان آباد ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، تعلقه اڳواڻ ايوب کوسو چيو ته پاڪستان ۾ چونڊيل ادارا موجود آھن پر پوء به صدارتي آرڊينينس جاري ڪيو ويو ان عمل خلاف پرامن احتجاج ۽ هڙتال ڪرڻ تي اسان جي اڳواڻن مٿان  ايف آء آر داخل ڪئي وئي جيڪا نواب شاھ جي لبِ گجرا واھ تي هوٽل قائم ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي جي هلايل تحريڪ جي پلاند ۾ داخل ڪئي وئي آھي جنهن جي مذمت ڪندي اها ايف آء آر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيون ٿا ان موقعي تي گلزار انڙ، شاهنواز ڪيريو، گل انقلابي، گلبھار ٻرڙو، عارف چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي نواب شاھ ۾ نثار ڪييو ۽ ٻين تي داخل ايف آء آر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

Read Previous

سانگهڙ ڪراچي ۾ مولانا عادل شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي

Read Next

سڪرنڊ : ڳوٺ ڄام ڏاهري وٽ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ، 2 ڄڻا زخمي

Most Popular