ميهڙ شھر واسي واپڊا ملازم ۽ يوٿ يونائيٽيڊ الائينس جي صحافين اڳيان دانهيندي

ميهڙرپورٽر(ميربابا)ميهڙ شھر واسي واپڊا ملازم ۽ يوٿ يونائيٽيڊ الائينس ميهڙ جي اڳواڻ اصغر کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آھي ته اڄ صبح ميهڙ جي هڪ صحافي 8،لک روپيه وٺي محمد يعقوب ڀٽو مٺل منگي ۽ ٻين بااثرن جي جي ڏڍ تي ميهڙ پوليس جي مدد سان  پنهنجي 15 شرپسند ماڻهن سان گڏجي منهنجي چاچا مرحوم لقمان کوسو جي ڪيبن واري حصي تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ۽ ڪيبن جي پاسي طرف لکين روپين جي اڏاوت ٿيل 3 فوٽ ديوار ڪيرائي ڇڏي آھي جڏهن ته هنن سان ڌر بڻيل ميهڙ جو صحافي اصولن جي ابتڙ اسان جو موقف وٺڻ بجاء ڌر ٿي اسان جي مخالفن سان بيهي رهيو آھي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهرين شهري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو جي فيصلي ۾ ان صحافي اسان کان معافي به ورتي هئي ۽ قبول به ڪيو هيو ته هن جو ڪيبن جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي نيت هئي۔ مگر اڄ وري هن فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي مخالفن سان گڏجي ڳري رقم عيوض اسان جي ڪيبن جي لکن سان اڏيل ديوار ڊھرائي غيرقانوني اسان جي حصي تي دڪان جو دروازو ٺاهڻ ٿا چاهين، هن وڌيڪ چيو ته هي اسان ۽ اسان جي چاچي لقمان کوسو جي گڏيل ملڪيت آھي جيڪا سي 444 اوقاف کاتي کان ۽ ميونسپل کان اسان کي مليل آھي جن جا اصل ڪاغذ به اسان وٽ موجود آھن ۽ ڪورٽ ۾ به ڪيس هلندڙ آھي مگر هي بااثر هئڻ ڪري ميهڙ پوليس جي ملي ڀڳت سان زبردستي اسان جي وڏن جي قانوني پراپرٽي تي قابض ٿيڻ ٿا چاهين، جڏهن ته اسان سالن کان ان جون قسطون ۽ ميونسپل جون مسواڙون به پابندي سان ڀريندا اچون ٿا جن جو رسيوڊون به اسان وٽ موجود آھن،   هن آخر ۾ ميهڙ پوليس کي اپيل ڪئي ته معملو ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي ان ڪري هو اڻ ڌري رهي ته بهتر ٿيندو.

Read Previous

گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائينس بند ڪرڻ خلاف تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪم ڇڏ هڙتال

Read Next

سانگهڙ ڪراچي ۾ مولانا عادل شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي

Most Popular