پاڪستان عسڪري ۽ سياست قيادت هڪ پيج تي آهي: معيد يوسف

لاهور: قومي سلامتي بابت وزير اعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت هڪ پيج تي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران معيد يوسف چيو ته ڀارت پاڪستان کي نظريو بڻائي سڄي دنيا جي آڏو پيش ڪيو، ڀارت گذريل 20 سالن دوران عالمي برادري ۾ پاڪستان کي گهڻي ملامت ڪرائي، اسان دنيا کي خاطري نه ڏياري سگهياسين ته پاڪستان جو اصل ڌيان اقتصادي ترقي آهي. معيد يوسف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوشان آهي، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي، پاڪستان امن جي لاءِ بيٺو آهي، خطي ۾ امن ۽ پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا حڪومت جي ترجيح آهي، اسان کي پاڻ تي اعتماد هئڻ گهرجي، اسان کي ڪنهن کان ڊڄڻو ناهي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته ڪشمير پاڪستان جو واحد ايشو آهي جيڪو سياست کان مٿانهون آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت نظريو ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان سودو ڪري ڇڏيو ۽ هي سنجيده ناهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جانورن جهڙو رويو رکيو آهي. معيد يوسف چيو ته پاڪستان جو نظريو امن ۽ اقتصادي ترقي آهي، جيستائين پاڪستان جي اقتصادي ترقي نه هوند  ملڪ اڳتي نه وڌندو، پاڪ چين اقتصادي راهداري خطي جي ترقي جو منصوبو آهي.

Read Previous

گهرو وزارت جي 5 هزار 807 ماڻهن کي بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي سفارش

Read Next

ن ليگ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري ته پابندي هڻڻ گهرجي: شيخ رشيد

Most Popular