ن ليگ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري ته پابندي هڻڻ گهرجي: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ن ليگ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري ته مٿس پابندي لڳڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف اشتهاري ڏوهاري آهي، گذريل ڏينهن هن 11 ڀيرا قمر جاويد باجوه جو نالو ورتو، پاڪستان ۾ جمهوريت فوج جي ڪري آهي، پاڪ فوج ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامن آهي، هي ادارن ۾ تڪرار چاهن ٿا، هاڻ نواز شريف جي سياست ٻيهر پاڪستان ۾ نه ايندي، پر هنن جو سياسي لنڊن مان ئي نڪرندو، واضح لفظن ۾ چئي رهيو آهيان ته 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري تائين توهان جا 15 ماڻهو توهان جي پارٽي ڇڏي ويندا. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف اشتهاري ڏوهاري آهي، هن جي هڪ نڪتي واري ايجنڊا هئي ته مريم کي لنڊن اچڻ ڏنو وڃي. هن جي تقرير کي ڀارت ۾ ڏيکاريو ويو، ڀارت ۾ ايم ڪيو ايم باني کي اُها ڪوريج نه ملي جيڪا نواز شريف کي ملي، ن ليگ ڀارت کان پيسا وٺي ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن واز شريف جو اِهو ئي رويو رهيو ته ايندڙ 5 سال به عمران خان جي حڪومت هوندي. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر پارٽين هڪ مهينين کان ميڊيا کي مصروف رکيو، ۽ گذريل ڏينهن ٿيل جلسي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر پوءِ به پي ڊي ايم جو نالو ناڪام ترين جلسو هو، 18 شهرن مان رڳو 20 کان 22 هزار ماڻهو گڏ ٿي سگهيا، جلسن سان حڪومتون ناهن وينديون، زندگي ۾ بينظير ۽ عمران خان جو جلسو وڏو هو. شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جي استنبول جي هوٽل ۾ ٿيل ملاقات کان واقف آهيان پر ڪجهه نٿو چاهيان ڇو ته پهرين به ملاقاتن جو ٻڌائي ڏکيائي ۾ پئجي ويو هيس، جڏهن ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ته ڪيترن ئي مسئلن مان گذرڻو پيو ۽ ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ته طوفان اچي ويندو. ن ليگ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري ته ان پابندي هڻڻ گهرجي.

Read Previous

پاڪستان عسڪري ۽ سياست قيادت هڪ پيج تي آهي: معيد يوسف

Read Next

وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular