گهرو وزارت جي 5 هزار 807 ماڻهن کي بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي سفارش

اسلام آباد: گهرو وزارت بليڪ لسٽ مان 5 هزار 807 ڄڻن جا نالا ڪڍڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزارت جي بليڪ لسٽ پاسپورٽ جي حوالي سان اهم قدم سامهون آيا آهن، جائزي واري ڪميٽي بليڪ لسٽ ڪيٽيگري بي مان 5 هزار 8 سئو 7 ڄڻن جا نالا ڪڍڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، بليڪ لسٽ ۾ گڏيل طور تي 42 هزار 7 سئو 25 ماڻهو موجود آهن ۽ بليڪ لسٽ مان ماڻهن جا نالا ڪڍڻ وارو فيصلو سمورين لاڳاپيل کاتن سان ڳالهين سان ڪيو ويو. گهرو وزير اعجاز شاهه جي صدارت هيٺ جائزي واري ڪميٽي جي اجلاس ۾گهرو وزير هدايت ڪئي ته پاسپورٽ ۽ اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ شهرين جي سهولت جا هر ممڪن بندوبست ڪري، جائزي واري  ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميرٽ تي بليڪ لسٽ قرار ڏنل ماڻهن جو نالو ڪڍڻ تي غور ڪيو ويندو. جائز جي هدايت تي ڪميٽي جو اجلاس سال ۾ 2 ڀيرا باقاعدگي سان رٿيو ويندو، جائزي واري ڪميٽي ۾ بليڪ لسٽ قرار ڏنل ماڻحن جو نالو ڪڍڻ بابت ادارن سان ڳالهيون ڪيون وينديون.

Read Previous

پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جناح اسٽيڊيم پهچي ويا

Read Next

پاڪستان عسڪري ۽ سياست قيادت هڪ پيج تي آهي: معيد يوسف

Most Popular