ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد طرفان پنج روزہ تعليم حق سڀني جو مهم جو آغاز

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي) ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد طرفان پنج روزہ تعليم حق سڀني جو مهم جو آغاز جنهن جي سلسلي ۾ تعليم سازي مھم اڱاري کان ڇنڇر تائين مختلف ڏھن ڳوٺن ۾ ھلائي وئي. جنھن ۾ پھرين ڪلاس کان وٺي پنجين ڪلاس تائين جي سوين غريب مستحق ٻارن کي داخلا وٺي ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻارن کي اسڪول بيگس ڪاپيون، پينسلون، رٻڙ، شاپنر، جاميٽري باڪس وغيره ڏنيون ويون جنهن کانپوءِ قاضي احمد ۽ دوڙ ۾ مختلف ڪوچنگ ڪلاسز ۾ نائين کان ڏهين ڪلاس جي غريب مستحق شاگردن کي داخلائون وٺي ڏنيون ويون آهن جنهن جو خرچ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد ادا ڪندو، ان سان گڏوگڏ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد يونٽ ناٺياڻي طرفان ٻارن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائزر تقسيم ڪيا ويا ان مھم ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد جي ضلع عھيدارن، يونٽن جي عھديدارن ھن نيڪ ڪم ۾ حصو ورتو.

Read Previous

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن ڀنڊاڙ ء ڏنگي تي وفاق پاران قبضن خلاف احتجاج

Read Next

ڳڙھي خيرو: 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ثابت ٿيندو. جي يو آءِ امير اسدالله

Most Popular