ڳڙھي خيرو: 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ثابت ٿيندو. جي يو آءِ امير اسدالله

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ثابت ٿيندو. جي يو آء امير اسدالله حيدريجزيرن تي وفاقي حڪومت جي ناجائز وفاقي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا.اڳواڻ خبر موجب جمعيت علماء اسلام ٽائون ڳڙھي خيرو جي مجلس شوري جو اجلاس مدرسه باب الهدي ۾ ٿي گذريو اجلاس کي مولانا خالقداد بروهي, مولانا سليم الله بروهي, اسدالله حيدري,جان محمد جمالي, ديدار علي لانگاه, الياس بروهي, عرفان علي لهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 18 آڪٽوبر تي جناح باغ ۾ ٿيندڙ جلسو موجوده نااهل حڪومت جي تڏا ويڙھ ثابت ٿيندي, انهن وڌيڪ چيو ته هاڻي PDM جي زير اهتمام رٿيل تمام جلسه حڪومت لاء خاتمي جو سبب ٿيندا ڇو ته قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته انشاءالله موجوده نااهل عوام دشمن حڪومت کي ڊسمبر جو مهينو ڏسڻ به نصيب نه ٿيندو ۽ قائد جمعيت بلدياتي اليڪشن جي تيارين کان به روڪي ڇڏيو آھي انشاءالله اسان به رب مان اها اميد رکون ٿا هن ناجائز حڪومت جا اهي آخري ڏينهن آھن جنهن مهنگائي ڪري غريب عوام کي پنائي ڇڏيو آھي,انهن وڌيڪ چيو ته زيرن تي وفاقي حڪومت جي ناجائز وفاقي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا. ۽ چيو ته جزيرن تي سنڌ جو حق تسليم ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رهندي وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي جاگرافي ۽ وحدت خلاف سازش قبول نه ڪبي. ھنن چيو ته ٻيٽن سميت سنڌ جي ساحلي پٽي جي دولت ۽معدنيات سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق جي غير آئيني ۽ غير قانوني ڪاري قانون کي برداشت نه ڪنداسين.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 13 نومبر تي گلشن شهيد اسلام جامع مسجد شيراز ڳڙھي خيرو ۾ عشق رسول صله و دفاع صحابه رضه ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ جانشين شهيد اسلام مولانا ناصر خالد محمود سومرو, تصوير شهيد اسلام مولانا طارق خالد محمود سومرو ۽ الحاج امدادالله ڦلپوٽي سمت سنڌ جا نامور علماء نعت خوان شرڪت ڪندا. آخر ۾ پي ڊي ايم جي جلسن جي ڪاميابي لاء دعا به گهري وئي.

Read Previous

ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد طرفان پنج روزہ تعليم حق سڀني جو مهم جو آغاز

Read Next

سنڌ ۾ سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مورو ۾ ٻاھرين بس اسٽاف کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular