سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن ڀنڊاڙ ء ڏنگي تي وفاق پاران قبضن خلاف احتجاج

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران  سنڌ جي ٻيٽن ڀنڊاڙ ء ڏنگي تي وفاق پاران قبضن خلاف سماٽ سي اين جي کان پريس ڪلب قاضي احمد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ پي ٽي آئي حڪومت ء سنڌ حڪومت جي ٻٽي معيار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڌڻي بخش ڪلوئي، ڪامريڊ ايم بي ڏاهري ء پير نعيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو اسان عمران خان نيازي کي واضع ڪريون ٿا ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي جيڪڏھن نه ته اسان سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏينداسين، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي جي آهي جيڪا وفاق کي ٻيٽن تي قبضو ڪرائڻ ۾ برابر جي شريڪ آهي، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نيازي حڪومت پنهنجي هوڏ تان نه لٿي ته سنڌ جو ڇھ ڪروڙ سنڌي عوام سندس رستا روڪ ڪندي.  ريلي ۾ ايس يو پي جي ضلعي صدر ڌڻي بخش ڪلوئي، رياض ڪاڪيپوٽو، ايم بي ڏاهري، سائل لاکو، الطاف لاکو ۽ جسقم اڳواڻن پير نعيم، اعجاز سنڌي، ڏاڏو مھر کان علاوه ايس يو پي اڳواڻن ء سنڌ دوست ڌرين ريلي ۾ شرڪت ڪئي. آخري ريلي نواب شاھ پريس ڪلب ڏانهن رواني ٿي جتي ايس يو پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد زين العابدين شاھ المعروف زين شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

Read Previous

سيوهڻ شريف : سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي احتجاجي ريلي

Read Next

ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شھيد بينظير آباد طرفان پنج روزہ تعليم حق سڀني جو مهم جو آغاز

Most Popular