ڪنڌرا جي ٻهراڙي واري علائقي ٽمونهن جي ڀرسان بروھي برادري ۽ ڏنور برادري ۾ ڇڪتاڻ ڏنورن پاران بروهين جي گهرن کي باهه

ڪنڌرا ( رپورٽر ) ڪنڌرا جي ٻهراڙي واري علائقي ٽمونهن جي ڀرسان بروھي برادري ۽ ڏنور برادري ۾ ڇڪتاڻ ڏنورن پاران بروهين جي گهرن کي باهه تفصيل موجب ڪنڌرا جي پس گردائي واري علائقي ٽمونهن جي ڀرسان ڳوٺ غلام قادر بروهي جي غلام ڪريم بروهي جي گهر کي باھ ڏني وئي هزارين روپين جو جانورن جي چاري طور رکيل بنھ سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي بروهي برادري جي چڱي مڙس غلام علي بروهي صحافين کي دانهيندي ٻڌايو آهي ته حضور بخش ڏنور وارا ڪيتري عرصي کان اسان کي هتان لڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا ۽ اسان جي گهرن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا نيٺ اڄ هنن حملو ڪري اسان جي گهر کي باهه ڏئي اله تلهه ساڙي ڇڏيو آهي هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ناجائز اسان جي گهرن باھ ڏيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي متاثر ڌر جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪندي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

سنڌ ۾ سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مورو ۾ ٻاھرين بس اسٽاف کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular