سنڌ ۾ سامونڊي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مورو ۾ ٻاھرين بس اسٽاف کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

مورو(رپورٽ محمد انيس ڪلھوڙو) سنڌ  ۾ سامونڊي  ٻيٽن تي وفاق پاران  قبضي ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي  جي سڏ تي  مورو ۾ ٻاھرين بس اسٽاف کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن م مختلف سياسي سماجي قومپرست پارٽين  ايس ٽي پي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، ، جسقم، ايس اين پي، جست، پي پي شھيد ڀٽو ء ٻين شامل ھيون ريلي شهر جو گشت ڪرڻ بعد مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن غلام فريد ڪلھوڙو،  اصغر بليدي اسلم ڪوريجو، علي ، آصف راھوجو، ڪامريڊ بلاول ڏاھري، اشرف لغاري، شاھنواز ڀٽي، اڪبر سنگراھ، سرور سنڌي، سليم رضا ڀنگر، امين ڪلھوڙو، امتياز کوسو، جگديش ڪمار، سيد علي حيدر شاھ، جي ايم سابقي، محمد صالح چانڊيو، امير علي لغاري، سچل جتوئي، عبدالغني سولنگي ۽ ٻين چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن کي ڪنهن به صورت ۾ وفاق جي حوالي ڪرڻ هرگز نه ڏينداسين، هنن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي قدرتي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به صورت ۾ ڪو به قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته هر ڀيري سنڌ خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌ جي عوام سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، هن ڀيري به سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪري سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جنهن جي خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي ء جاري ڪيل آرڊيننس جي خاتمي تائين احتجاج جاري رھندو.

Read Previous

ڳڙھي خيرو: 18 آڪٽوبر جو جلسو نااهل حڪومت جي تڏا ثابت ٿيندو. جي يو آءِ امير اسدالله

Read Next

ڪنڌرا جي ٻهراڙي واري علائقي ٽمونهن جي ڀرسان بروھي برادري ۽ ڏنور برادري ۾ ڇڪتاڻ ڏنورن پاران بروهين جي گهرن کي باهه

Most Popular