سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي ايس يو پي  جو مھر وسطڙو، خادم سيال، ايس ٽي پي جو حبيب مشوري اسد چانڊيو، پ پ شھيد ڀٽو جو خالد چانڊيو، بشارت کوسو، سڪندر ڪلھوڙو, اقبال راڄپر, اسد عمراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻنڊار ٻيٽن مٿان وفاق جي والار  تي وفاق مٿان ڇتي نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ون يونٽ جي ڪڙي ۽ 18هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءء وفاق پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙيون سازشون ڪندو پيو اچي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ وفاق مختلف بهانا ڪري سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا اڳ ئي غيرقانوني طور پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري چڪو آهي هاڻ وري سنڌ جا ٻيٽ به غير قانوني طريقي سان پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙا سنڌ دشمن منصوبا سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سنڌ جي نمائندگي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪري ٻيٽن واري صدارتي آرڊِيننس کي رد ڪن نه ته ٻي صورت ۾ کين اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي وجود کان سواءِ سندن وجود به ناڪافي آهي. جيڪڏهن ٻيٽن وارو صدارتي آرڊيننس فوري طور رد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

ڪنڌرا جي ٻهراڙي واري علائقي ٽمونهن جي ڀرسان بروھي برادري ۽ ڏنور برادري ۾ ڇڪتاڻ ڏنورن پاران بروهين جي گهرن کي باهه

Read Next

ڳوٺ يعقوب تنيو جي رهواسڻ ثمرين پنهنجن 6 معصوم ٻارڙن ۽ ماسيءَ سان گڏ احتجاجي مظاهرو

Most Popular