ڳوٺ يعقوب تنيو جي رهواسڻ ثمرين پنهنجن 6 معصوم ٻارڙن ۽ ماسيءَ سان گڏ احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڳوٺ يعقوب تنيو جي رهواسڻ ثمرين پنهنجن 6 معصوم ٻارڙن ۽ ماسيءَ سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو ته منهنجي شادي ڳوٺ يعقوب تنيا جي رهواسي ضمير تنيو سان ٿيل آهي جنهن مان مون کي 6 معصوم ٻارڙن جو اولاد آهي پر منهنجو مڙس خرچ جا پئسا مون کان گهرندو آهي جنهن ڪري مان گهرن ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندي آهيان ۽ هن منهنجي ماسيءَ جون ٻڪريون وڪڻي به کپائي ڇڏيون آهن. اڄ منهنجو مڙس پئسا نه ملڻ تي مون مٿان بدترين تشدد ڪري مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ غلط ڪم لاءِ مون مٿان زور ڀري رهيو آهي جنهن ڪري مان معصوم ٻارڙن سميت دربدر آهيان. هن وزيراعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مڙس خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

صدر مير اعجاز خان جکراڻي شهلياڻي هائوس ڳڙهي خيرو پهچي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گھرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي

Most Popular