صدر مير اعجاز خان جکراڻي شهلياڻي هائوس ڳڙهي خيرو پهچي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گھرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي

ڳڙھي خيرو:(رپورٽر:اسدالله لغاري)وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار ۽ پيپلزپارٽي ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر مير اعجاز خان جکراڻي شهلياڻي هائوس ڳڙهي خيرو پهچي سابق سينيٽر ۽ صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گھرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي. تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ وزير اعلي سنڌ جي جيلن بابت صوبائي صلاحڪار ۽ پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر مير اعجاز حسين جکراڻي اڄ خان ڪوٽ شهلياڻي هائوس پهتو جتي هن سابق سينيٽر ۽ صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گھرواري جڏهن ته سابق ايم پي اي مير گوهرخان شهلياڻي.سابق تعلقه ناظم ۽ ايڊمنسٽريٽر مير علي نواز خان شھلياڻي ۽ تعلقه صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ڳڙهي خيرو مير عامر خان شهلياڻي جي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي بلند درجات لاء مغفرت جي دعا به گهري وئي. ان موقعي تي مير ظفر خان ٻرڙو, رحمت الله کوسو, غلام ياسين جکراڻي, نياز جان بروهي,حسين بخش جمالي,دلمراد لغاري, مظفر علي کنڊ, وحيد حسين لهر, فرحان ميرالي, عطاءالله جلباڻي ۽ غلام حسين لغاري سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ موجود هئا.

Read Previous

ڳوٺ يعقوب تنيو جي رهواسڻ ثمرين پنهنجن 6 معصوم ٻارڙن ۽ ماسيءَ سان گڏ احتجاجي مظاهرو

Read Next

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Most Popular