سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ واري عمل خلاف قوم پرست پارٽين، سول سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن مجيب ماڇي، علي رضا خاصخيلي، انيلا رفيق ملاح، سرمد ميراڻي، عبدالخالق سولنگي، قومي شاعر مھر ڊٻائي، امداد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي نوابشاهه کان سوين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي قوم پرست اڳواڻ ۽ سنڌ دوست ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر عارف علوي غير قانوني ۽ غير آئيني آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيو آهي جيڪو اسين ڪنھن به صورت قبول نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

صدر مير اعجاز خان جکراڻي شهلياڻي هائوس ڳڙهي خيرو پهچي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گھرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي

Read Next

حنيد لاکاڻي جي صدارت هيٺ بيت المال جي آڊٽ ڪميٽي جي ميٽنگ

Most Popular