
اسڪردو: اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 16 ٿي ويو آهي. پوليس موجب راولپنڊي کان اسڪردو ويندڙ بس لينڊ سلائيڊنگ سبب تونگوس واري هنڌ کاهي ۾ ڪري پئي. پوليس اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته بس ۾ 18 مسافر سوار هئا، جن مان 10 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته وڌيڪ 6 ڄڻن بعد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. پوليس حادثي ۾ 16 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر سميت 6 مسافرن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.