مولانا فضل الرحمان جي آصف علي زرداري سان ملاقات

ڪراچي:  پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي.  رپورٽ موجب جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي ڪراچي جلسي ۾ شرڪت لاءِ گذريل رات ڪراچي پهچي ويو هو جڏهن ته  اڄ مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان آصف  علي زرداري سان ملاقات جي لاءِ ڪلفٽن جي خانگي اسپتال پهتو.  جتي هن اڳوڻي صدر جي عيادت ڪئي ۽ خيريت پڇا ڪئي. جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ اپوزيشن مخالف اتحاد تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

Read Previous

ملڪ جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ صدف جي گهر ٽئين ٻارڙي جي پيدائش

Read Next

سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڌمڪين باوجود اسان جي جدوجهد جاري رهندي: بلاول ڀٽو

Most Popular