سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڌمڪين باوجود اسان جي جدوجهد جاري رهندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18  آڪٽوبر 2007 تي ڪار ساز ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. رپورٽ موجب ڪار ساز سانحي جي 13هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته  اسان ڪار ساز ۾ شهيد ٿي ويندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڪارڪن، جمهوريت، آئين جي بالادستي، پارليامينٽ ۽ بنيادي حقن جي لاءِ شهادتون ڏنيون. شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڪارڪنن دهشتگردي، ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين کي منهن ڏنو ۽ قربانيون ڏنيون آهن.  ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڌمڪين جي باوجود جدوجهد جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت پسند سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اڄ جمع ٿي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم جمهوريت پسند پارٽين جو سياسي اتحاد آهي. پي ڊي ايم جمهوريت، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي کي پيش ايندڙ سمورين برائين کان ڇوٽڪاري جي لاءِ آهي.

Read Previous

مولانا فضل الرحمان جي آصف علي زرداري سان ملاقات

Read Next

لاڙڪاڻي جي اوٺا چوڪ ڀرسان حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Most Popular