لاڙڪاڻي جي اوٺا چوڪ ڀرسان حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ڄڻا فوت، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: ظهير ابڙو) لاڙڪاڻي جي اوٺا چوڪ ڀرسان ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. لاشن ۽ زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فوتين ۾ 45 سالن جو گلزار منگي ۽ 18 سالن جو سمير سيال شامل آهن. اسپتال انتظاميا پاران ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جنهن بعد لاش سندن وارث گهرن ڏانهن کڻائي ويا، زخمي بابر سيال ٻڌايو ته لاڙڪاڻو کان ڳوٺ فريد آباد ويندي حادثو پيش آيو آهي.

Read Previous

سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڌمڪين باوجود اسان جي جدوجهد جاري رهندي: بلاول ڀٽو

Read Next

ڄامشورو: نوري آباد ويجهو ڊمپر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت

Most Popular