انصاف ڏياريندڙ قانون ۽ قبضا مافيا ۾ فرق هجڻ گهرجي

درياءُ خان جهتيال

سنڌ! جنهن لاءِ شاعر چيو ”سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دِل وارا وسري ويا”، شاعر اِهي سٽون ان لاءِ چيون جو هُن پنهنجي ڌرتي کي سُهڻو ۽ خوبصورت ڏٺو، ڌرتي ڌڻين جي محبت، پيار، امن جي پيغام کي عام ڪندي ڏٺو، ديس جي وارثن کي ڀاڪرن ۾ ملندي ڏٺو، پر وقت ۽ حالتن انهن سِٽن کي ايڏو پوئتي ڌڪيو جو ڌارين کان تہ ڇا پنهنجن کان بہ نفرت ٿيندي پئي وڃي، جتي امُن جي پيغام جي ڳالهہ آهي تہ ڌرتي ڌڻي خود امُن قائم ڪرڻ لاءِ اعلي حڪمرانن کي اپيلون پيا ڪن، جيڪڏهن محبت جي ڳالهہ آهي تہ نياڻين کي کنڀي ماريو پيو وڃي، اهڙيون کوڙ دانهون جيڪي لکي لکي پنا ڪارا ڪري ڇڏينداسين، پر نتيجو نہ ملندو، ان لاءِ جو هتي حڪومت نالي ڪا شيئي ڪانهي، پر ها! هتي جمهوريت مشهور آهي، قانون، ادارن ۽ حڪومت جا رويا ڏسي انهن مان اميد ڪرڻ کان ارواهہ ئي کڄي ويو آهي، جڏهن انهن جو ذڪر ٿا لکون تہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڪٿان لکجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي، حڪومت جي بي ڌياني، ڪرپشن سبب تباهي جي ڪناري پهتل ادارا، فردن تي "اعليٰ ڀوتارن” جي حاضري جو وزن حڪومت جي پت کي وائکو ڪندو رهي ٿو، سنڌ جي مختلف کاتن کي ڏسجي تہ انهن جو ڪم رڳو پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ آهي باقي ڪجهہ بہ نہ، جيڪڏهن پوليس کي ڏسجي تہ انهن جو کيسو گرم پيو ٿيندو، جيڪڏهن ڏسجي صحت کاتي کي اسپتالن ۾ رڳو ڪيهاٽ پر علاج نہ ملندو، جيڪڏهن ڏسجي تعليم کاتي کي تہ سوين اسڪول بند ۽ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر، هي کاتا اهڙا آهن جن سان سنڌ جو نالو روشن ٿي سگهي ٿو، پوليس امُن قائم ڪري سگهي ٿي، صحت جون سهولتون ماڻهن کي جيئڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون، تعليم سنڌ کي عظيم ڌرتي بڻائي سگهي ٿي، پر اهو بہ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ حڪومت چاهيندي پر حڪومت وٽ اهڙي پلاننگ ناهي، ان لاءِ تہ صوبي جا ادارا ايئن ئي رولڙي جو شڪار آهن ۽ انهن جي مالڪي بہ نٿي ٿئي، انهن ادارن تي ڪڏهن سردار جو قبضو، ڪڏهن مقامي وڏيرن جو، ڪڏهن اسڪولن ۾ ڳوٺاڻن جو مال ٻڌل، اهڙي ريت ادارا تباهي جي ور چڙهيل آهن، پر وڏي اهم ڳالهہ تہ دادو ضلعي ۾ پوليس، صحت مرڪزن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت جي بي ڌياني ۽ صحت کاتي جي چُپ جي روزي سبب دادو ضلعي جا مختلف صحت مرڪز قبضي هيٺ آهن، دادو پوليس انهن ۾ ٿاڻا قائم ڪري انهن ۾ پوليس ويهاري ڇڏي آهي، جيڪا پوليس قانون جي ڳالهہ ڪري اها وري ابتو قانون استعمال ڪندي ادارن جي دشمن بڻجي اهڙو قدم کڻي تہ پوءِ ان مان انصاف ۽ ڀلائي جي ڪهڙي اُميد؟ دادو ضلعي جي پنجن صحت کاتي جي عمارتن تي پوليس جا قبضا آهن، اهي قبضا ختم ڪرائڻ صحت کاتي جي وس ۾ ئي ناهي جنهن سبب مريضن جو مقدر دربدري آهي، پوليس صحت کاتي جي اسپتالن جي عمارتن تي قبضا ڪري ٿاڻا قائم ڪري ڇڏيا آهن، اهڙين عمارتن ۾ دادو باءِ پاس وٽ قائم پي پي ايڇ آءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس دادو بہ آهي، جتي دادو پوليس مڪمل طور قبضو ڪري بي سيڪشن ٿاڻو قائم ڪري ڇڏيو آهي، بي سيڪشن پوليس جي حد شهر جي اڌ آبادي آهي پر پوليس پاڻ قبضا مافيا بڻجي سنڌ حڪومت کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ڇڏي آهي، اهڙي ريت دادو جي ڪاڇي جي ڳوٺ پَٽ گُل محمد جي سرڪاري بنيادي صحت مرڪز تي پوليس قبضو ڪري ٿاڻو قائم ڪري ڇڏيو آهي، پَٽ گُل محمد ڪاڇي جو جهڙوڪ هيڊڪوارٽر ٿاڻو آهي پر اتي بہ پوليس قبضي خور بڻيل آهي، ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو جي بنيادي صحت مرڪز جي بلڊنگ ۾ ٿاڻو قائم ڪيو ويو آهي، اُن ۾ مريضن جي نو انٽري ۽ پوليس اهلڪار ڦورو بڻيا ويٺا آهن، ٻورڙي جي صحت مرڪز ۾ مريضن کي صحت جون سهولتون ملڻ بدران اتي پوليس ويٺل آهي، آر ايڇ سي پاٽ شريف جي بلڊنگ ۾ پوليس پوسٽ پاٽ شريف قائم ٿيل آهي، انهن هيلٿ سينٽرن جي عمارتن جا اڌ کان وڌيڪ حصا، انهن جا بنگلا، آفيسون ۽ ڪوارٽر دادو پوليس پنهنجي جاگير سمجهي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن، مطلب ٿاڻا ۽ هيلٿ سينٽر گڏ، گڏ، پوليس جي اهڙي قبضي ڪرڻ واري عمل مريضن کي رلائڻ تي ۽ پريشان ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، صحت جي سينٽرن جي اڌ حصن ۾ پوليس جي قبضن سبب علائقي واسي تہ پريشان آهن پر گهڻي ۾ گهڻا پريشان مريض ٿين ٿا، قبضا مافيا پوليس جي ڪري صحت سينٽرن تي ايندڙ مريض، مرد ، عورتون، پيرسن ۽ ٻارڙا سخت پرشاني جو شڪار آهن، صحت مرڪزن جي عمارتن تي قبضا ڪري پوليس ٿاڻا قائم ڪرڻ واري عمل علائقي واسين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، صحت مرڪزن ۾ ڪمرا گهٽ هجڻ، عملي جي ويهڻ جا بہ انتطام ناهن، صحت مرڪزن تي قبضا ڪندڙ، اخلاق ۽ قانون جي ڳالهہ ڪندڙ، ماڻهن کي قانون تي عمل ڪرائڻ جا ٺيڪيدار پوليس اهلڪار غير اخلاقي عمل ڪندي صحت مرڪزن جي اڱڻ تي وهنجن بہ ٿا، ان سان گڏو گڏ ڏوهہ، چوري، ڦُر، جهيڙي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿا اچن تہ وري سڄي مرڪز ۾ گوڙ ٿيو وڃي، پوليس جاگير سمجهي پنهنجون من مستيون پئي ڪري، پوليس قانون کي عملي جامو پارائڻ جا ٺيڪا تہ کنيون ويٺي آهي پر سرداري، وڏيرڪي سوچ کي مان ڏيندي صحت کاتي جي صحت مرڪزن تي قبضو ڪري ويٺل آهي جيڪا ڳالهہ قانون جي خلاف آهي، سنڌ ۾ قانون، قانون جي خلاف آهي، صحت مرڪزن تي قبضا ڪندڙ دادو ضلعي جي پوليس کي سنڌ حڪومت جو خوف ان لاءِ بہ ناهي جو کين پڪ آهي تہ ٿيئڻو ڪجهہ ناهي، ان لاءِ بلڊنگن جا مالڪ اسين، قبضا ڪندڙ بہ اسين، جيهڙو ڪندڙ، ڪرائيندڙ، راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهندڙ بہ اسين، اهڙي روش قائم ڪئي وئي آهي جو قانون پنهنجي لٺ ڏوهن کي رڪڻ بدران صحت کاتي مان لاڀ حاصل ڪندڙن خلاف پيو وسائي، دادو ضلعي جي مختلف صحت مرڪزن تي قبضا ڪندڙ دادو پوليس خلاف ڪاروائي ڇو نٿي ٿئي؟ ڊي ايڇ او دادو ضلعي جي پنج صحت مرڪزن جي قبضي تي پريشان تہ آهي پر اُن جي دال بہ نٿي ڳري ان لاءِ سڀ ڪجهہ مريض پيا ڀوڳن، دادو پوليس آءِ جي تي ڀاڙيون پئي آهي تہ ان جي حڪم بعد بلڊنگون خالي ڪنداسين، ظُلم اهو ئي آهي تہ ڊي ايڇ جو پِٽڪو آهي ۽ پوليس آءِ جي ڪُلهي تي بندوق رکي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت کي سجاڳي لاءِ هارون وڄائيندي اهو چوان ٿو تہ جيڪڏهن انصاف ڏياريندڙ ادارا پاڻ سرڪاري عمارتن تي قبضا ڪن تہ پوءِ آخر انصاف ڪير ڪندو؟ وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ وٽ گهرو کاتو بہ آهي، کيس گهرجي تہ دادو پوليس پاران ضلعي جي مختلف صحت مرڪزن تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي، پوليس کي پنهنجن هنڌن تي موڪلي ۽ ضلعي جي دربدر ٿيندڙ مريضن کي تڙپي تڙپي مرڻ کان بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري، نہ تہ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ذميواري، قبضا مافيا پوليس ۽ انصاف ڏياريندڙ قانون ۾ ڪو فرق نہ سمجهيو ويندو.

Read Previous

ڇا هانيه عامر سرجري ڪرائي ڇڏي آهي؟

Read Next

5 سالن جي عمر تائين سڀني ٻارڙن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کي يقني بڻايو وڃي : احمد علي قريشي

Most Popular