5 سالن جي عمر تائين سڀني ٻارڙن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کي يقني بڻايو وڃي : احمد علي قريشي

خيرپور (رانجهن شيخ) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي  ته ملڪ اندر پوليو وائرس جي موجودگي اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي انهي لاءِ ايندڙ پوليو مهم دوران ضلعي جي اندر 5 سال جي عمر تائين جي سڀني ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کي يقني بڻايووڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايندڙ پوليو مهم ۽ اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حسين ابڙوکي هدايت ڪندي چيو ته ٽيمن جي تربيت کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن پنهجي ڪم کي پروفيشنل طريقي سان سر انجام ڏئي سگهن. هن ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ذوالفقار احمد کي هدايت ڪئي ته يوسي سطح تي مائڪرو پلان جي گڏجاڻي ۾ اسڪولن جي هيڊ ماسترن جي شرڪت کي يقني بڻايو وڃي، ٻارن جو صحيح انگ اکر معلوم ٿي سگهي ته جيئن 5 سالن جي عمر تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائيندي اسڪولن ۾ ٻارن جي سوشل ڊسٽنسنگ کي برقرار رکندي ٻارن کي هٿ ڌوئڻ جو پابند بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ پاڻي ۽ صابڻ جي موجودگي کي يقني بڻايو وڃي ۽ اسڪولن ۾ خاص طور تي ٻارن جي وقفي ۽ موڪل دوران سوشل ڊسٽنسنگ تي عمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسين ابڙو چيو ته اسڪولن ۾ ڪووڊ 19 بچاءَ بابت پمفليٽ لڳرايا وڃن ته جيئن ٻارن کي آگاهي ٿئي ته ان ٿي عمل ڪري سگهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائويٽ اسڪولز مظهر علي ڀٽو کي اجلاس ۾ دير سان پهچڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي وقت جي پابندي جي تاڪيد ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عامره زرتاش، ڊاڪٽر اڪبر، ڊاڪٽر صفي الله شرڪت ڪئي.

Read Previous

انصاف ڏياريندڙ قانون ۽ قبضا مافيا ۾ فرق هجڻ گهرجي

Read Next

دوداپور ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي ڌر ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت علائقي ۾ ڏهڪاء،

Most Popular