سانگهڙ ميونسپل عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر جي خالي ڪرسين تي سندن مقرري لاءِ اپيل جا ٽيگ ھڻي ڇڏيا.

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي )سانگهڙ ميونسپل عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر جي خالي ڪرسين تي سندن مقرري لاءِ اپيل جا ٽيگ ھڻي ڇڏيا. سڄو شھر گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي، تيل نه آھي جو ٽريڪٽر ھلائي گند ڍوئيون،  پگھارون نه ٿيون آهن، ھن مھانگائي ۾ بنا پگھار جي ڪري گذاري ڏسي ، ملازمن جون دانهون. تفصيلي خبر موجب سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي عملي پاران پگهارون نه ملڻ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر جي مقرري نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاھرين ڇتي نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جون پگھارون ٽريزري ذريعي ڏنيون وڃن. آفيسر مھينن جا مھينا مقرر نه ٿين ٿا اسان جا حال تمام گھڻا خراب ٿي ويا آهن سڄو شھر گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. اسان گند ڪيئن ڍوئيون ڪو منتظم آھي ئي نه جيڪو انتظام ھلائي، مشينري ۾ تيل ڪير وجھي مشينون بيٺيون آهن.

Read Previous

ڳوٺ حاجي لائق جي رهواسين مسمات ڪشميران ۽ سندس ڀاءُ حنيف راڄپر پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي ﷺ کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ انتظامن بابت اجلاس ٿيو

Most Popular