ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي ﷺ کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ انتظامن بابت اجلاس ٿيو

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي ﷺ کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ انتظامن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي الطاف حسين لغاري کان سواءِ پاڪ فوج، رينجرز،صحت، روينيو، ٽائون آفيسرن ۽ انٽيليجنس ادارن جي آفيسرن کي علاوه مختلف فقهن جي عالم سڳورن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ جن جي ميلاد کي ملهائڻ اسان مسلمانن جي ايمان جو جزو آهي تنهن لاءِ سڀئي سڀئي مسلمان پنهنجي پنهنجي طريقي سان پاڻ ڪريمن جو ميلاد ملهائيندا آهيون. هن ڀيري به اڳ جيان سڀني سرڪاري آفيسن ۽ عمارتن تي عيد ميلاد النبي جي موقعي تي چراغان ڪيو ويندو. هن سڀني فقهن جي عالمن تي زور ڀريو ته عيد ميلاد النبيﷺ کي پر امن ۽ ڀرپور طريقي سان ملهايو وڃي. ۽ گهرو کاتي پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي لازمي عمل ڪن. ان چيو ته ٽائون انتظاميه شهرن ۾  ميلاد جي جلوسن ۽ مجلسن  جي رستن تي صفائي ۽ روشني جو بندو بست ڪري. ضلعي جا سڀئي سرڪاري اسپتال طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ميلاد جي جلوسن جلوسن ۽ مجلسن کي ڪور ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر عملو ايمبولينس ۽ دوائن جو انتظام ڪيو وڃي، ان عالم سڳورن تي اهو به زور ڀريو ته امن و امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته مقامي  مذهبي رهنمائن کي نفرت انگيز تقرير ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ نفرت انگيز مواد پمفلٽ ۽ تقريرون هلائيندڙن ۽ رکندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان ٻڌايو ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي امن ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن جيڪي امن وا مان جي صورتحال کي قائم رکڻ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪنديون. ۽ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح پر ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ايس پي الطاف حسين لغاري چيو ته  سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان سان گڏو گڏ ميلاد جي جلوسن ۽ ميلاد جي مجلسن کي گهربل سيڪورٽي فراهم ڪئي ويندي.ان چيو تي ضلعي ۾ امن و امان جو قيام انتظاميه سان گڏ سڀني فقهن جي عالم سڳورن جي پڻ ذميواري آهي ته مذهبي رواداري کي قائم رکڻ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪن.  ان موقعي تي جمعيت علمائي اسلام جي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالعليم گهانگهرو،مولوي حفيظ الرحمن، پاڪستان سني تحريڪ جي ضلعي صدرمولانا محمد عارف لنڊ، قاري محمد افضل عطاري، سيد محمد اڪبر شاهه ۽ ٻين عالم سڳورن انتظاميه پاران ڪيل انتظامن جي واکاڻ ڪئي ۽ مجلسن دوران بجلي جي فراهمي جي گهر ڪئي. ۽ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.

Read Previous

سانگهڙ ميونسپل عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر جي خالي ڪرسين تي سندن مقرري لاءِ اپيل جا ٽيگ ھڻي ڇڏيا.

Read Next

سچل سرمست انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ڪاليج ۾ شاگردن جو ڪاليج جي گيٽ اڳيان انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو، سخت نعريبازي

Most Popular