ڳوٺ حاجي لائق جي رهواسين مسمات ڪشميران ۽ سندس ڀاءُ حنيف راڄپر پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي

خيرپور (ڊر) ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ حاجي لائق جي رهواسين مسمات ڪشميران ۽ سندس ڀاءُ حنيف راڄپر پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته بااثر مظهر خاصخيلي منهنجي مهراڻ ڪار ڪاهي وڪري ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي روڪڻ تان هو اسان جي  مٿان ڏمرجي پيو آهي، هنن ٻڌايو ته مظهر خاصخيلي ساٿين جي مدد سان رستي ويندي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي فرياد کڻي حد جي ٿاڻي تي وياسين پر بااثر خلاف پوليس ڪو به تدارڪ نٿي ڪري، هنن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا هن کي نيڪ مردن فيصلي لاءِ چيو آهي پر هو الٽو اسان کي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

دوداپور ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي ڌر ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت علائقي ۾ ڏهڪاء،

Read Next

سانگهڙ ميونسپل عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر جي خالي ڪرسين تي سندن مقرري لاءِ اپيل جا ٽيگ ھڻي ڇڏيا.

Most Popular