ڪيپٽن صفدر ڪيس معاملو: آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ پوليس آفيسرن جو موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي ڪيس ۽ گرفتاري لاءِ پوليس اختيارين تي دٻاءُ جي معاملي تي آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ پوليس آفيسرن موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ سميت ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ۽ ڪيترائي ڊي آءِ جيز شامل آهن. ميڊيا موجب آءِ جي سنڌ به پنهنجي موڪل جي درخواست تيار ڪئي آهي ۽ هو ڪجهه دير ۾ ان کي منظوري جي لاءِ موڪلي ڪم ڇڏي ڏيندو. ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ عمران يعقوب منهاس پنهنجي موڪلن جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف ايف آءِ آر جي واقعي ۾ پوليس آفيسر کي بي عزت ڪيو ويو ۽ ايف آءِ آر جي معاملي ۾ آفيسن سان خراب سلوڪ تي سمورن پوليس آفيسرن کي ڌڪ رسيو. عمران يعقوب لکيو آهي ته دٻاءُ جي ان ماحول ۾ پيشيوراڻي فرضن جي انجام دهي ڏکي آهي، ان دٻاءُ مان نڪرڻ جي لاءِ مون کي 60 ڏينهن جي رخصت گهربل آهي.

Read Previous

عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو صدارت هيٺ اجلاس

Read Next

نيب کي استعمال ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن: مريم اورنگزيب

Most Popular