عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو صدارت هيٺ اجلاس

مٽياري : عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي زير صدارت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال مٽياري ۾ ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا تيمور ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد زاهد جوڻيجو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر يار محمد کوسو، سوشل ويلفيئر طرفان رفيق جمالي سميت حيسڪو، ايجوڪيشن، پبلڪ هيلٿ، ٽائون انتظاميه جي عملدارن کان علاوه مذهبي عالمن سيد محفوظ علي شاهه، حافظ بشارت احمد ميمڻ، حافظ عبدالجبار، حافظ خان محمد، عبدالقادر بلالي، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ۽ هر مذهب ۽ هر فرقي جي عزت ڪرڻ لازمي آهي جنهن جو درس اسان جو دين به ڏيئي ٿو. هن عالمن کي اپيل ڪئي ته اهي فرقيواريت کي ختم ڪرڻ لاٰءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ کان پاسو ڪن ته جيئن معاشري ۾ محبت، ڀائيچاري، رواداري ۽ امن کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنٽر مٽياري چيو ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اسڪولن ۾ حمد، نعت، قرآت ۽ سيرت ڪوئيز جا مقابلا منعقد ڪرايا وڃن. هن چيو ته ڊي سي سيڪريٽريٽ، ايس پي آفيس کان علاوه سڀني سرڪاري عمارتن، اسڪولن توڙي مين روڊن رستن تي چراغان ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ نڪرندڙ ريلين ۾ ايمبولنس، دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري حيسڪو انتظاميه کي مخاطب ٿيندي چيو ته عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ۽ خاص طور تي رات جي وقت ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مسجدن ۽ ٻين جڳهين تي ٿيندڙ اسلامي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي ڪنهن قسم جي پريشاني يا تڪليف نه ٿئي. هن ضلعي جي سمورن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ شهرن ۽ خاص طور تي مذهبي جلوسن جي گذرگاهن وٽ صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام ڪيا وڃن، اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ سميت جيڪڏهن ڪٿي روڊ رستي تي ڪو پاڻي بيٺل هجي ته ان جي نيڪال جو فوري بندوبست ڪيو وڃي.

Read Previous

شهيد مخدوم بلاول پينل تعلقا دادو ۽ استاد دوست پينل ۾ 18 آڪٽوبر تي مقابلو ٿي گذريو

Read Next

ڪيپٽن صفدر ڪيس معاملو: آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ پوليس آفيسرن جو موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو

Most Popular