نيب کي استعمال ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن)  جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) کي استعمال ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ۽ مخالف ڌر جا آواز بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.  صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نيب اختياريون اڄ رڙيون ڪري شهباز شريف جو وڌيڪ رمانڊ گهري رهيون هيون حالانڪه شهباز شريف پنهنجي اثاثن جا مڪمل تفصيل جمع ڪرائي چڪو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جي خلاف بي بنياد ڪيس ٺاهيا ويا آهن ان تي هڪ به ڪيس ثآبت ناهي ٿي سگهيو. شهباز شريف جي ميڊيا ٽرائل جو ڪير جواب ڏيندو. هن چيو ته حڪومت سياسي مخالفن جي خلاف انتقامي ڪارروائين ۾ مصروف آهي. شهباز شريف جو موقف هو ته ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته سياست ڇڏي ڏيندس. مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته  هاڻ  ٻئي تقرير تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪجو.  هن چيو ته شهباز شريف کي نئون سوالنامو ناهي ڏنو ويو ملڪ ۾ سياسي انتقام ۽ مصنوعي احتساب جو دهل وڄي رهيو آهي.  هوڏانهن  لاهور جي احتساب عدالت مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

Read Previous

ڪيپٽن صفدر ڪيس معاملو: آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ پوليس آفيسرن جو موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو

Read Next

صفدر جي گرفتاري خلاف سنڌ حڪومت جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular